تذڪره تڪملة التڪملة

تذڪره تڪملة التڪملة

تذڪره تڪملة التڪملة

تذڪره تڪملة التڪملة (ڪتاب ):هي تذڪرو سنڌ جي برک محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. ڊاڪٽر صاحب خود ڄاڻايو آهي ته ”تڪملة التڪملة“ ٻن تذڪرن يعني مير علي شير قانع جي ”مقالات الشعراءِ“ ۽ خليل ٺٽويءَ جي ”تڪملة مقالات الشعراءِ“ جي سلسلي جي ڪڙي آهي، ليڪن سنڌ جا اڃا گهڻا ئي اهڙا فارسي گو شعراءِ آهن، جن جو ذڪر ناهي ٿيو. هي ڪتاب سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ ۽ علم ادب جي آخري دور جي تاريخ آهي، هن ۾ 176 شاعرن جي احوال ۽ ڪلام کي ڇهن عنوانن ۾ ورهايو ويو آهي. مقدمي کان پوءِ پهرينءَ عنوان ۾ 11 هجري جي شاعرن، ٻي عنوان ۾ 11 ۽ 12 هجري جي شاعرن، ٽئين عنوان ۾ 12 ۽ 13 هجريءَ جي شاعرن، چوٿين ۾ 13 هجري، پنجين ۾ 13 ۽ 14 هجري ۽ ڇهين ۾ 14 ۽ 15 صدي هجري جي شاعرن جو احوال ۽ ڪلام جو نمونو ڏنل آهي. هي 424 صفحن تي مشتمل تذڪرو آرٽس فيڪلٽي، علامه آءِ. آءِ. قاضي ڪيمپس، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري طرفان 2007ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 250 رپيا آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو